جمهوريت
24/03/2019 21:09
17 آگسٽ 1988 بهاولپور جي ويجهو هڪ پرسرار فضائي حادثو ٿئي ٿو ء جنرل ضياء جي حڪومت جو يارنهن سالا دور جو انت ٿئي ٿو ، ٽن مهينن کان پو اليڪشن جو اعلان ڪيو ٿو وڃي ماڻهن ۾ اميد جاڳي ٿي ته پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر جمهوريت جي رستي تي ايندي نظر اچي ٿو ، جمهوريت جي لشڪر جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو ڪري رهي هئي ء جمهوريت دشمن قوتون به ميدان تي لهي پون ٿيون ، جمهوريت دشمن قوتون سوچن ٿيون ته هنن خلاف بينظير نڪري چڪي آ سو هو اعلان ڪن ٿا ته ووٽ لاء شناختي ڪارڊ ضروري آهي جنهن ۾ جمهوريت پسند پنهنجي خلاف هڪ سازش سمجهن ٿا ، ميان شريف جي پٽ محمد نواز شريف کي ميدان ۾ آندو ٿو وڃي هڪ جلسي ۾ نوازشريف خطاب ڪري چوي ٿو ته جيڪي روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو هڻن ٿا سي ملڪ دشمن آهن انهن کي ووٽ نه ڏنو وڃي وڏيڪ چوي ٿو ته ڀٽو هڪ غدار هيو ء غداري جي موت مئو آ سو شهيد ناهي ، شهيد صرف جنرل محمد ضياء الحق آهي ، هي جنرل محمد ضياء الحق سان مقابلو ڪرڻ آئي آ هن جي مقدر ۾ ناڪامي آهي ، اچانڪ نو 9 پارٽين جو اتحاد وجود ۾ اچي ٿو اسلامي جمهوري اتحاد جي نالي سان جنهن کي ان وقت جي حڪومت جي حمايت حاصل هئي اهو اتحاد ٽن شخصن وجود ۾ آندو ، اسلم بيگ ، حميد گل ، غلام اسحاق خان ، جنهن جو هو اعتراف به ڪري چڪا هئا ، اهو اتحاد ان ڪري هيو ته هو ڀٽو کان ذاتي نفرت ڪندا هئا ، 16 نومبر تي ووٽ ٿين ٿا نتيجا اچڻ شروع ٿين ٿا پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ وارا پنهنجي شڪست ڏسن ٿا اسلامي جمهوري اتحاد جو سربراه غلام مصطفي جتوئي هارجي ويو ، پير صاحب پاڳارو ، محمد خان جوڻيجو به هارجي وڃن ٿا اهڙي طرح پ پ پ کي 92 ء جمهوري اتحاد کي 54 سيتون ملن ٿيون پر پو به جمهوريت دشمن قوتون هار نه ٿيون مڃن ڇو جو صوبائي اليڪشنون رهن پيو ، اچانڪ پنجاب ۾ هڪ رات ۾ ديوارن تي نعره نروار ٿي پيا ، جاگ پنجابي جاگ تيري پگ نون لگ گيا داغ ، نو ستاري بهائي بهائي بينظير تيري شامت آئي ، جهازن تا انهن نعرن جا پمفليٽ اڇلايا ويا ، مسجدن مان اعلان ڪيا ويا ، ء پيپلزپارٽي لاء وڏيون مشڪلاتون وڌيون ويون بينظير کي ٻاهرين ملڪن جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو هندستان جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو ، صوبائي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي پنجاب ، سرحد ، بلوچستان ۾ ناڪامي پر سنڌ ۾ سرسي حاصل ڪئي جمهوريت دشمن قوتون ڪامياب ٿيندي نظر آيون وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاء پيپلزپارٽي آزاد اميدوار ء ايم ، ڪيو ، ايم ، سان ٺاه ڪيو پر صدر غلام اسحاق محترمه بينظير ڀٽو کي وزيراعظم طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ، اچانڪ محترمه کي گهرائي ان سان خفيه ملاقات ڪئي ويئي جنهن ۾ اهو شرط رکيو ويو ته ، خارجه امور ، دفاع ، خزانه جي وزارت تان هٿ کڻ ... محترمه کي ان تان هٿ کڻڻو پيو ء 2 ڊسمبر تي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو هئي

مهرڻ شر